راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش هٿان ڏهن وڪيٽن تان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ قومي ٽيم مئنيجمينٽ بالرن جي ڪارڪردگيءَ ڪاوڙ ۽ فاسٽ بالرن جي رفتار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پنڊي ٽيسٽ کانپوءِ ڪپتان، سينيئر رانديگرن ۽ ڪوچز وچ ۾ فاسٽ بالرن جي ڪارڪردگي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان دوران چيو ويو ته بيٽرز پهرين اننگز ۾ ميچ سيٽ ڪري ڇڏي هئي، ڊڪليئريشن کانپوءِ پِچ تي فاسٽ بالرن جي مدد لاءِ گاهه موجود هو، تيز بالر گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا، اسان جي فاسٽ بالرن جي رفتار پڻ گهٽ هئي.
ذريعن موجب، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ سينيئر رانديگرن جو چوڻ آهي ته قومي فاسٽ بالرن جو بال وڪيٽ ڪيپر تائين به نه پيو پهچي، جڏهن ته بنگلاديش جي فاسٽ بالرن جي اسان جي تيز بالرن کان وڌيڪ رفتار هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپنر ابرار احمد ۽ فاسٽ بالر مير حمزا جي ٻي ٽيسٽ کيڏڻ جا چٽا امڪان آهن.
You might also like