اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل ۽ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪندي.
You might also like