مبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مسٽرپرفيڪشنسٽ عامر خان جو ڳاڻيٽو ڪامياب ترين اداڪارن ٿيندو آهي پر عامر خان اداڪاري جي ميدان ۾ جيترو ڪامياب رهيو نجي زندگي ۾ ايترو ئي ناڪام ثابت ٿيو آهي.
عامر خان ويجهڙ ۾ بالي ووڊ اداڪار ۽ ميزبان ريا چڪروتي جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻن شادين ناڪاميءَ کانپوءِ ٽِين شادي بابت رٿابندي بابت تفصيلي گفتگو ڪئي.
شو دوران ميزبان عامر خان کي ازدواجي زندگي جي حوالي سان صلاح گهري جنهن تي اداڪار مُرڪندي وراڻيو سندس ٻه شاديون ناڪام ٿي چڪيون آهن تنهنڪري صلاح مشوري لاءِ هو مناسب شخص نه آهي.
عامر خان چيو ته مان اڪيلو رهڻ پسند ناهيان ڪندو ڇو ته مون کي اهڪ ساٿي جي ضرورت آهي، دوستي ڪرڻ پسند آهي.
سندس چوڻ هو ته هو اڪيلو نه آهي، اڳوڻيون گهرواريون رينا ۽ ڪرن ٻئي سندس گهڻو ويجهو آهن، اهڙن ماڻهن سان گڏ رهندي خوشي ٿيندي آهي جيڪي منهنجي ويجهو آهن.
عامر خان چيو ته اسان هڪ ڪٽنب جيان آهيون، زندگي تي ڪو اعتبار ڪونهي انڪري پاڻ کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
شو دوران جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا هو هڪ ڀيرو وري يعني ٽِين شادي ڪرڻ چاهي ٿو؟ جنهن جي جواب ۾ عامر خان چيو ته هو هاڻ 59 ورهين جو ٿي چڪو آهي، ٽيهر شادي ڪندس؟ ڏکيو سوال آهي.
عامر خان فلم لال سنگهه چڍا جي باڪس آفيس تي ناڪامي جي ذميواري به قبول ڪئي ۽ ٻڌايو ته فڪلم ۾ سندس اداڪاري سٺي نه هئي جنهن سبب فلم ناڪام ٿي، عامر خان چيو ته هو پنهنجي فلم ٺگز آف هندوستان مان به گهڻو خوش ناهي.
واضح رهي ته عامر خان رينا دتا سان 1986 ۾ شادي ڪئي هئي، عامر ۽ رينا جو رشتو 2002 ۾ پڄاڻي تي پهتو، جنهن کانپوءِ ڪرن رائو ۽ عامر جي شادي 2005 ۾ ٿي ۽ جوڙي 2021 ۾ هڪٻئي کان پنهنجا رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
You might also like