نون ليگ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر راڻا افضال حسين لاڏاڻو ڪري ويو.
خانداني ذريعن موجب، راڻا افضال حسين کي پنهنجي رهائشگاهه ۾ دل جو دورو پيو جيڪو موتمار ثابت ٿيو.
مرحوم افضال حسين وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جو وڏو ڀاءَ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر راڻا عتيق انور جو والد هو.
ذريعن موجب، راڻا افضال حسين جو مڙهه اباڻي ڳوٺ ننگل ڪس والا مريدڪي نارووال روڊ پهچايو ويو آهي.
ٻئي پاسي نون ليگ جي سوشل ميڊيا ونگ جي انچارج عاطف رئوف به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي راڻا تنوير حسين جي لاڏاڻي جي خبر ڏيندي ٻڌايو ته مرحوم جي جنازي نماز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.