سنڌ جي وڏن شهرن ۾ موبائل فون سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪاري پاران اڄ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مناسبت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ خيرپور سميت وڏن شهرن ۾ موبائيل فون سروس بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار چيو آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مناسبت سان اڄ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ موبائل سروس بند رهندي.
هن چيو ته چاليهي جي موقعي تي امن امان جي صورتحال کي مد نظر رکندي سموري صوبي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ۽ جلوسن جي فضائي نگراني پڻ ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان موبائيل فون سروس بند ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي.
شهر ۾ نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، ناظم آباد، لياقت آباد، تين هٽي، پي آءِ بي، ايم اي جناح روڊ، صدر، لائنز ايريا، ملير سميت ٻين علائقن ۾ رات کان موبائيل سروس بند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.