آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاس جو شيڊيول جاري، پاڪستان جو نالو ئي گم!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ )عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس جو شيڊول جاري ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستاني اختياريون پر اميد آهن ته سيپٽمبر ۾ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف طرفان 7 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ملي ويندي.
آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس جو چار سيپٽمبر تائين جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بورڊ جي شيڊول ۾ في الحال پاڪستان جو نالو شامل نه آهي.
پاڪستاني ناڻي واري وزارت سيپٽمبر ۾ آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي حتمي منظوري لاءِ پراميد آهي.
ذريعن موجب، حڪومت، چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان 12 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، پاڪستان سعودي عرب کان وڌيڪ هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر قرض جي درخواست به ڪئي آهي، نئين قرض جو مقصد 2 ارب ڊالر فنانسنگ گيپ پوري ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.