ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) موسيٰ خيل واري علائقي راڙه شم ۾ هٿياربندن 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
ايس ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي جو چوڻ آهي ته سمورن ماڻهن کي مسافر بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته هٿياربندن بين الصوبائي شاهراهه تي ناڪو هڻي مسافرن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو.
ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿياربندن ڏهن گاڏين کي باهه به ڏئي ڇڏي.
هن چيو ته اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ليويز واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
صدر ۽ وزير اعظم پاران موسيٰ خيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران موسيٰ خيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته بيگناهه شهرين جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، بي گناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻو پوندو.
صدر دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو به اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف به موسيٰ خيل ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته موسيٰ خيل واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته لاڳاپيل ادارا موسيٰ خيل واقعي جي جاچ ڪن، ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي قبول نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران مقامي انتظاميا کي زخمين کي فوري امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺي حملو ڪيو: ترجمان بلوچستان حڪومت
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ميڊيا سان ڳالهائيندي موسيٰ خيل واقعي جي مذمت ڪندي ٻڌايو ته موسيٰ خيل جو علائقو ڊيرا غازي خان سان ملي ۽ ننڍن روڊن تي عام طور تي ايتري سيڪيورٽي ناهي هوندي، دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي مسافرن کي قتل ڪيو.
دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي نه بخشيو ويندو: بلوچستان جو وڏو وزير
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مارجي ويل جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو .
سرفراز بگٽي چيو ته موسيٰ خيل واقعي ۾ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، دهشتگرد ۽ سهولتڪار عبرتناڪ انجام کان بچي نه سگهندا، حڪومت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو پيڇو ڪندي.