اسلام آباد(عمر چيما) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهندڙ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو رات مهل فون تي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان رابطو ڪيو ويو، ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ برگيڊيئر علي امين گنڊاپور سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته مبارڪ ثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو مذهبي جماعتن جو ڌرڻو رٿيل آهي،گرٻڙ ٿي سگهي ٿي، ٻيو سبب اهو آهي ته پنڊي ۾ بنگلاديش سان ٽيسٽ ميچ رٿيل آهي،ڪجهه ٿيو ته ذميواري پي ٽي آءِ تي هوندي، اهو پيغام عمران خان کي ملي ويو، جڏهن ته صبح سوير پنج وڳي بئريسٽر گوهر ۽ اعظم سواتي اڊيالا جيل پهچي ويا جنهن ذريعي عمران خان جو پيغام پهچايو ويو،جڏهن ته جلسي لاءِ ايندڙ سيڪنڊ ليول جي پي ٽي آءِ قيادت کي اسٽيبلشمينٽ پاران چيو ويو ته توهان ماڻهو وٺي آيا ته ٽنگون ٽوڙي ڇڏينداسين.