پنجاب ۾ پاور شيئرنگ، ن ليگ جو پاليسين تي عمل کان اڳ پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ پاور شيئرنگ جي معاملي تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي اتحاد جي لکت معاهدي تي مشاورت ڪئي وئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ معاهدي جي باقي نڪتن تي مرحلي وار عملدرآمد ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، ڪجهه نڪتن تي عملدرآمد فوري طور ۽ باقي نڪتن تي ٽائم فريم ڏيڻ تي اتفاق ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قانون سازي، بجيٽ ۽ پاليسين تي عمل کان اڳ پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو، ملڪ جي استحڪام لاءِ ٻنهي جماعتن جو گڏجي هلڻ تي اتفاق ٿيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ طئي ٿيو ته پ پ پنجاب جي جن ضلعن ۾ ڪامياب ٿي، اتي ان جي مرضي جا آفيسر مقرر ٿيندا، پنجاب ۾ پ پ کي ن ليگ ميمبرن جي برابر ترقياتي فنڊ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ اجلاس جي رپورٽ مرڪزي قيادت کي پيش ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.