پاڪستاني سٺا آهن، موقعو مليو ته اتي وڃي کيڏنداسين: ڪلديپ ياديو

ڀارتي ڪرڪيٽر ڪلديپ ياديو پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان وٽ آهي، جيڪا فيبروري – مارچ 2025 ۾ پاڪستان جي ٽن شهرن ۾ شيڊيول آهي.
ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ جو معاملو في الحال يقيني ناهي پر ڀارتي ڪرڪيٽر ڪلديپ پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
آسٽريليا ۾ گفتگو ڪندي ڪلديپ چيو ته اسان ڪرڪيٽر آهيون، جتي موڪليو ويندو، اتي وڃي کيڏنداسين.
هن چيو ته مان اڳ ڪڏهن پاڪستان ناهيان ويو، تنهن ڪري پرجوش هوندس، پاڪستاني سٺا آهن، جڏهن ته موقعو مليو اتي وڃي کيڏنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.