خيرپور: ڪار مان ٽڪ ٽاڪر عورت سميت ٻن ڄڻن جا لاش هٿ

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ سرڪاري اسپتال ٻاهران بيٺل گاڏي مان عورت سميت ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.
پوليس موجب ڪوثر اسپتال ڀرسان گاڏي مان عورت سميت ٻن ڄڻن جا لاش مليا، گاڏي گذريل ٻن ڏينهن کان اسپتال ٻاهران بيٺي هئي.
ايس ايس پي داڪٽر سميع الله سومري ٻڌايو ته لاشن جي سڃاڻپ 24 ورهين جي سيما خاصخيلي ۽ 35 ورهين جي ظفر عباس طور ٿي، سيما خاصخيلي ٽڪ ٽاڪر آهي.
پوليس موجب پوسٽ مارٽم لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.