ورزش لاءِ ڊمبل فراهم ڪيا وڃن، عمران خان عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي ويراعظمعمران خان 190 ملين پائونڊ ريفرنس ٻڌڻي دوران عدالت ۾ 2 درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون.

درخواستونعمران خان جي وڪيل خالد يوسف چوڌري جمع ڪرايون.

عمران خان طرفان جيل ۾ ورزش لاءِ ڊمبل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. ٻي درخواست پي ٽي آءِ باني کان بينڪ اسٽيٽمينٽ لاءِ ليٽر تي صحيحون ڪرائڻ جي ڪئي وئي.

عدالت ٻنهي درخواستن تي جيل عملدارن کي جيل مينوئل موجب عملدرآمد جي هدايت ڪئي جنهن تي جيل عملدارن ڊمبل جي فراهمي جيل مينوئل خلاف قرار ڏيندي انڪار ڪري ڇڏيو.

جيل عملدارن عمران خان کي بينڪ اسٽيٽمينٽ جي دستاويزن کي به روڪي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.