ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري تامل اداڪارا ميمي چڪرورتي کي ڪلڪتي ۾ لڄالٽ کانپوءِ قتل ٿيندڙ ڊاڪٽرياڻي جي معاملي تي آواز اٿارڻ تي جنسي زيادتي جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون.
ڀارتي ميڊيا موجب بنگالي اداڪارا ۽ ترنمول ڪانگريس جي اڳوڻي ايم پي ميمي چڪرورتي کي سوشل ميڊيا تي ڪلڪتي قتل خلاف پوسٽ لڳائڻ تي ريپ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جنهن جو انڪشاف اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪيو.
اداڪارا ڪيس تي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان عورتن جي حقن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، ڪيتريون ئي اهڙيون جايون آهن، جتي هجوم ۾ لڪيل ڪجهه مرد عورتن سان بيهڻ جي دعويٰ جي آڙ ۾ جنسي زيادتي کي عام ڪيون پيا اچن، ڪهڙي تعليم ۽ پرورش ان جي اجازت ٿي ڏئي؟
Prev Post
You might also like