راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پنڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان پهرين اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪري ڇڏي.
پاڪستان سعود شڪيل ۽ محمد رضوان جي شاندار سينچرين جي مدد سان وڏو اسڪور ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو، سعود 141 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته رضوان ناقابل شڪست 171 رنسون ٺاهيون.
آغا سلمان 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته شاهين آفريدي 29 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
گذريل ڏينهن عبدالله شفيق 2، صائم ايوب 56، شان مسعود 6 ۽ بابر اعظم کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو هو.
بنگلاديش طرفان شريف الاسلام ۽ حسن محمود 2-2، مهدي حسن ۽ شڪيب الحسن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
Next Post
You might also like