ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽجي ويا آهن: ايڊيشنل آءِ جي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته ڪراچي ڏوهارين لاءِ هاڻ فيوريٽ ناهي رهيو ۽ ڪرمنلز کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد عالم اوڍي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي آئي آهي، بائيڪس ۽ گاڏيون چوري ۽ ڦر ڪرڻ جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
هن چيو ته رينجرز سان گڏجي آپريشنز کي وڌايو آهي، ٻه ڪروڙ 50 لک جي آبادي ۾ ڏوهن کي ختم ته نه پر گهٽ ڪري سگهون ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مزاحمت تي قتل جا واقعا نه پيا ٿين، ماضي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.