”ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي سائبر حملي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جو جواب رد ڪري ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار موجب اختيار ڪيو ته ملڪ ۾ بنا ڪنهن نوٽيس ۽ سبب ٻڌائڻ جي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس بند ڪيون ويون آهن، جنهن سان ڪاروبار، ايتري تائين جو هر شعبو متاثر ٿي رهيو آهي، انٽرنيٽ بند ڪرڻ بنيادي حقن جي به ڀڃڪڙي آهي، وفاقي حڪومت جو انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ملڪ ۾ انٽرنيٽ کي مڪمل ۽ فوري طور بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.
پي ٽي آءِ انٽرنيٽ جي بندش بابت پنهنجو جواب جمع ڪرائيندي انٽرنيٽ جي اسپيڊ گهٽ ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
پي ٽي اي جي وڪيل ٻڌايو ته انٽرنيٽ جي اسپيڊ گهٽ ٿيڻ جا چار ڪارڻ آهن، سمنڊ هيٺ ڪيبل ڪٽجڻ سان اسپيڊ متاثر ٿي، 31 جولاءِ تي منجهند جو هڪ انٽرنيٽ ڪمپني جي غلطي سبب اسپيڊ گهٽ ٿي، جنهن تي لاڳاپيل ڪمپني خلاف سخت ايڪشن ورتو ويو ۽ ملازمن معطل ڪيا ويا، 15 آگسٽ تي ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي سائبر حملو ٿيو، جنهن سان انٽرنيٽ سست ٿي، وي پي اين جي گهڻي استعمال سبب به انٽرنيٽ اسپيڊ متاثر ٿي.
پي ٽي اي، وفاقي حڪومت، اطلاعات ۽ قانون واري وزارت سميت ٻين جواب جمع ڪرائي ڇڏيا.
عدالت وفاقي حڪومت جو جواب رد ڪندي وفاق جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي شق وار جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت درخواست گذار کي درخواست ترميم ڪري داخل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.