اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي اپ ڊيٽڊ فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو خانو خالي رکيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي اپ ڊيٽن فهرست ۾ نواز شريف جو نالو ن ليگ صدر طور، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو نالو پارٽي سربراهه طور ۽ محمود خان جو نالو تحريڪ انصاف پارليامينٽيرين جي چيئرمين طور اپ ڊيٽ ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي تازي فهرست ۾ صدر آصف علي زرداري جو نالو پ پ پارليامينٽيرين جي صدر طور ۽ اسفند يار ولي جو نالو هاڻ به عوامي نيشنل پارٽي جي صدر طور موجود آهي، جڏهن ته 147 رجسٽرڊ جماعتن ۾ پاڪ سرزمين پارٽي ۽ جي ڊي اي سميت ٻين جماعتن جا نالا شامل آهن.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ جماعت اسلامي به 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جماعتي چونڊون ڪرايون هيون، جن کي تسليم ڪيو ويو آهي.
You might also like