اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف جي سڀاڻي اسلام آباد ۾ جلسي جو اين او سي رد ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءُ موجب چيف ڪمشنر اسلام آباد جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اين او سي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو فيصلو ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جي رپورٽ تي ڪيو ويو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم اسلام آباد ۾ آهي، ان حوالي سان سخت سيڪيورٽي خدشا آهن.
انتظاميا موجب جلسي جي هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به احتجاج ڪندڙ سپريم ڪورٽ پهچي ويا هئا، انهن حالتن ۾ جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ 22 آگسٽ تي جلسي جو اعلان ڪيو آهي.
You might also like