ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس حادثي جو شڪار، 35 ڄڻا فوت

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 35 زائرين فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
لاڙڪاڻي مان سيد اطهر شاهه شمسي جي سربراهي ۾ ڪوچ ذريعي زواري لاءِ ايران نڪتل قافلي سان ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو.
ذريعن موجب حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، ڪوچ ۾ 55 زوار، ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر موجود هئا.
ايراني انتظاميا جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ويجھي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو.
ايران ۾ موجود قافلي جي سربراهه سيد اطهر شمسي موجب قافلي ۾ ٻه بسون شامل هيون، هڪ بس ۾ هو پاڻ سوار هو، پاسپورٽ ۽ ڪاغذن جي مسئلن سبب انهن جي بس پوئتي رهجي وئي ۽ اڳتي ويندڙ بس حادثي جو شڪار ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.