ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلا، 2 جوابدار مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) ملير ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، ايس ايس پي ڪاشف عباسي موجب جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.

سرجاني ٽائون ۾ زخمين قادر ۽ طارق کي ساٿين سڌير ۽ قربان سميت گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا.

پير آباد ۾ مبينا مقابلي ۾ نعمان کي گرفتار ڪيو ويو. حيدر مارڪيٽ پوليس موجب ناظم آباد ۾ عمر زادا ۽ ايم يوسف کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.