پاسپورٽ ايجنٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون، وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت جي هدايت تي پاسپورٽ ايجنٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل لاهور وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو.
اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل لاهور ڪارروائي ڪندي مافيا سان تعلق رکندڙ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن وٽان 1500 کان وڌيڪ پاسپورٽ برآمد ٿيا، جوابدارن ۾ رضا، مدثر شاهه، نديم شاهه، ڪبريا، حسنين شاهه، ثمر عباس ۽ عمير احمد شامل آهن.
ايف آءِ اي ڊائريڪٽر موجب جوابدارن وٽان 1532 پاڪستاني پاسپورٽس سان گڏ بجلي ايراني اسٽيمپ به برآمد ٿيا آهن.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدارن وٽان جعلي عراقي ايمبيسي اسٽيمپ، ٻين ملڪن جي جعلي اسٽيمپس کانسواءِ دستاويز برآمد ٿيا، جوابدار شهرين کي زيارت ويزا تي ايران، عراق موڪليندا هئا، ڄاڻايل جوابدار غير قانوني طريقي سان بارڊر ڪراسنگ ۽ فورس ليبر ۾ ملوث آهن.
وفاقي جاچ اداري جي اختيارين وڌيڪ چيو ته پاسپورٽ مافيا جي گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.