موجودا دور ۾ گهڻي قدر ماڻهو بوريت کان بچڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وڊيوز ڏسندا رهندا آهن.
اڪثر ماڻهو وڊيوز ڏسڻ وقت مسلسل اسڪرولنگ ڪندا رهندا آهن ۽ مڪمل وڊيو ناهن ڏسندا، پر اِها عادت اوهان جي بوريت ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي آهي.
اِها ڳالهه ڪئناڊا جي ٽورنٽو يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ تحقيق دوران سامهون آئي، تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماڻهو بيزاريءَ کان بچڻ لاءِ وڊيوز کي فاسٽ فارورڊ ڪندا آهن يا ٻين وڊيوز ڏانهن هليا ويندا آهن، پر ائين ڪرڻ سان بيزاري ويتر وڌي ويندي آهي.
جنرل آف ايڪسپريمنٽل سائيڪولوجي رسالي ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب، ان عادت سبب وڊيوز ڏسڻ جو تجربو به گهڻو سٺو ناهي رهندو .
تحقيق ۾ 12 سئو ماڻهن کي شامل ڪري مٿن ٻه مختلف تجربا ڪيا ويا، پهرئين تجربي ۾ ماڻهن کي ٻن مختلف طريقن سان وڊيوز ڏسڻ لاءِ چيو ويو.
پهريان کين ڏهن منٽن جي وڊيو فارورڊ يا اسڪيپ ڪرڻ کانسواءِ ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ وري وڌيڪ ڏهه منٽن تائين کين اسڪرولنگ ڪندي وڊيوز ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي.
ٻئي تجربي دوران پهرئين مرحلي وارن ماڻهن کي ڏهن منٽن جي هڪ وڊيو لاڳيتو ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ ٻئي مرحلي ۾ کين پنجاهه منٽن جي وڊيو ريوائنڊ يا فارورڊ ڪندي ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي.
نتيجن مان پتو پيو ته وڊيوز کي اسڪرولنگ ڪندي يا فارورڊ ( اڳتي ) ڪندي ڏسڻ سان ماڻهن منجهه بيزاري وڌي وڃي ٿي ، ان جي ڀيٽ ۾ هڪ وڊيو کي مسلسل ڏسڻ سان ماڻهن “ دلچسپي ۽ اطمينان وڌي ٿو.
ماهرن موجب، بوريت اسان جي ڌيان سان جڙيل هوندي آهي، جڏهن اسان بيزار ٿيندا آهيون ته اسان لاءِ شين کي ڌيان ڏيڻ به مشڪل بڻجي ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته بيزار ماڻهن ڪنهن به وڊيو کي مڪمل هڪ ساهي ۾ ناهن ڏسندا پر ڪنهن دلچسپ وڊيو جي ڳولا ۾ مسلسل اسڪرولنگ ڪندا رهندا آهن.
سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان بيزا ٿيڻ کانپوءِ لاڳيتو اسڪرولنگ ڪرڻ کان بچڻ چاهيو ته فارورڊ يا اسڪيپ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ لاءِ ڪجهه انتظار ڪريو ۽ وڊيوز تي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.
Next Post
You might also like