اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان بجلي واهپيدارن کي رليف ڏنو، ان ۾ وفاق جي مدد شامل ناهي.
وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مريم نواز 200 کان 500 يونٽن تائين واهپيدارن کي رليف ڏنو، ٻيا صوبا به بسم الله ڪن ۽ پنهنجي صوبي جي عوام کي رليف ڏين، اسان کي خوشي ٿيندي.
هن چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي سياست نه ڪيو، هي سڀني جو ملڪ آهي، صوبائي حڪومتن کي اين ايف سي ذريعي وسيلا ملن ٿا، صوبائي حڪومتن وٽ ترقياتي ڪمن لاءِ وسيلا موجود آهن.
You might also like