گوگل طرفان ڪروم ويب برائوزر ۾ هڪ نئين سيڪيورٽي فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪو حساس معلومات کي محفوظ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
فيچر تحت اينڊرائيڊ فونز تي گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ واهپيدار جڏهن فون اسڪرين شيئر يا رڪارڊ ڪندا ته ويب برائوزر طرفان پاڻمرادو حساس ڄاڻ جهڙوڪ پاس ورڊ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ نمبرن کي بلاڪ ڪيو ويندو.
اِهو چوڻ ضروري ناهي ته موجودا دور ۾ اسڪرين شيئرنگ جو استعمال تمام گهڻي حد تائين وڌي ويو آهي ۽ گهڻن ماڻهن سان اسڪرين شيئرنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
هڪ رپورٽ موجب، گوگل ڪروم جي تجرباتي فيچرز جي پيج تي نئين فيچر جو اشارو مليو آهي.
فلحال اِهو فيچر واهيپدارن کي دستياب ناهي پر رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته فيچر کي اِن ايبل ڪيو ويندو ته اسڪرين شيئرنگ دوران پيج تي حساس تفصيل جهڙوڪ پاس وررڊز پاڻمرادو بلاڪ ٿي ويندا.
ان کانسواءِ اِهو فيچر اينڊرائيڊ فائيو يا ان کانپوءِ وارن آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ سمارٽ فونز لاءِ به متعارف ڪرايو ويندو.
اڃا اِهو واضح ناهي ته گوگل طرفان حساس معلومات جو تعين يا ان کي بلاڪ ڪيئن ڪيو ويندو، پر گوگل ڪروم جي انڪوگنيٽو موڊ تي به اسڪرين شيئرنگ يا رڪارڊنگ ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري ظاهري طور اِهو نئون فيچر ان تي ئي ٻڌل محسوس ٿئي ٿو.
You might also like