ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ننڍي ڀاءُ بجلي مهانگي ڪئي، وڏي ڀاءُ رڳو پنجاب کي رليف ڏنو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مريم نواز کان وڌيڪ سخت تقرير ڪري سگهون ٿا پر اسان سڄي ملڪ جون سوچيندا آهيون، هڪ صوبي جي سوچ نٿا رکون.
هن چيو ته ننڍي ڀاءُ بجلي مهانگي ڪئي، وڏي ڀاءُ رڳو پنجاب کي ٻن مهينن لاءِ سستي بجلي ڏني، جيڪڏهن رليف ڏيڻو آهي ته لانگ ٽرم ڏيو، اسان کان ڊگهي مدي جا پلان وٺو.
Prev Post
You might also like