برطانيا ۾ فيڪ نيوز پکيڙي گوڙ گهمسان جو سبب بڻجندڙ جوابدار لاهور مان گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڪ نيوز پکيڙي برطانيا ۾ گوڙ گهمسان جو سبب بڻجندڙ جوابدار کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران موجب پوليس ڊفينس لاهور مان هڪ شخص فرحان آصف کي حراست ۾ ورتو آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ کيس ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي آپريشنز وڌيڪ ٻڌايو ته فرحان آصف پاڪستان ۾ هڪ نيوز پليٽ فارم لاءِ ڪم ڪندو آهي، فرحان تي برطانيا ۾ 3 ٻارن جي قاتل جي سڃاڻپ جي فيڪ نيوز ڏيڻ جو الزام آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڪ نيوز سبب برطانيا ۾ پرتشدد مظاهرا شروع ٿي ويا هئا، برطانيا جي اتر اولهه علائقي سائوٿ پورٽ ۾ هڪ ڊانس ڪلب ۾ ٿيندڙ چاقو حملي ۾ 3 ڇوڪريون مارجي ويون هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا هئا.
سوشل ميڊيا تي چئنل 3 نائو جي نالي سان هڪ ويب سائيٽ فيڪ نيوز هلائي ته ڊانس ڪلب تي ٿيندڙ حملي ۾ ملوث حملي آور مسلمان پناهگير آهي، جنهن جو نالو علي الشڪاتي آهي.
ان خبر کانپوءِ انگلينڊ ۽ اتر آئرلينڊ ۾ پرتشدد مظاهرا شروع ٿي ويا هئا، پوءِ اها خبر ڪوڙي ثابت ٿي ۽ برطانوي ميڊيا پنهنجي جاچ ۾ پتو لڳايو ته چئنل 3 نائو جي نالي سان ويب سائيٽ لاهور مان هلائي پئي وڃي، جنهن کي فرحان آصف هلائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.