ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم غير ضروري صلاحون ڏيندڙ سوشل ميڊي واهپيدارن تي ٺٺول ڪندي کين هڪ مشورو ڏنو آهي.
وسيم اڪرم ويجهڙ هڪ شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن سوشل ميڊيا تي غير ضروري صلاحون ڏيندڙ واهپيدارن کي مخاطب ڪندي چيو ته هو سڀني کي درخواست ٿو ڪري ته مهرباني ڪري ٻين کي نصيحتون ڪرڻ بند ڪريو.
وسيم اڪرم چيو ته سوشل ميڊيا تي اِهو ڏسي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي اهڙا ماڻهو دنيا جي ڪامياب ۽ مشهور شخصيتن کي صلاحون ڏيندا آهن جنهن جا سوشل ميڊيا تي مشڪل سان به فالوورز هوندا آهن.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ناڪاري تبصرن ۽ صلاحن بدران خوشي ۽ هاڪاري سوچ کي ڦهلايو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي اوهان پسند نه ڪريو ته تڏهن به هاڪاري رويو اختيار ڪريو، اِهو عمل اوهان جي اتساهه ۽ سڪون جو سبب بڻبو.
You might also like