فون چوري ٿي وئي، ڊيٽا ڪيئن بچائجي؟ مسئلو حل ٿي ويو

گوگل اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ جي تيارين ۾ رُڌل آهي جيڪو سمارٽ فونز چوري ٿيڻ تي ڊيٽا جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو.
گوگل طرفان مئي 2024 دوران اعلانيل ٿيف ڊيٽيڪشن لاڪ نالي فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي ۽ اِهو سڀ کان اڳ برازيلي صارفين کي دستياب هوندو.
گوگل طرفان اِهو فيچر تمام جلد ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ٿيف ڊيٽيڪشن فيچر ڪم ڪيئن ڪندو؟
ٿيف ڊيٽيڪشن لاڪ پاڻمرادو شڪي سنگلز کي نشاندهي ڪري ڊيوائس ۾ موجود ڊيٽا کي تحفظ فراهم ڪندو.
سولن لفظن ۾ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو اوهان جي هٿن مان فون کسيندو ته اِهو فيچر متحرڪ( ايڪٽيو ) ٿي ويندو.
واضح رهي ته سمارٽ فونز ۾ واهپيدار جي مختلف قسم جي حساس ڊيٽا موجود هوندي آهي جهڙوڪ مختلف سروسز جا اڪائونٽس، اي ميلز، ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل وغيرا وغيرا.
ٿيف ڊيٽيڪشن لاڪ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل الگورٿمز جو استعمال ڪيو ويندو.
گوگل موجب، مصنوعي ذهانت اهڙي ” عام حرڪتن “ جي نشاندهي ڪندي جيڪا چورن سان واڳيل هوندي آهي.
ڪمپني طرفان ته عام حرڪتن جي وضاحت ناهي ڪئي وئي پر امڪاني طور تي ان مان مراد اِها آهي ته جيڪڏهن ڪو به ماڻهو فون کسي ان جاءِ تان تيزيءَ سان فرار ٿيندو ته فون ان جي نشاندهي ڪري وٺندي.
جيڪڏهن فيچر کي فون کسجڻ جو احساس ٿي ويندو ته اِهو پاڻمرادو ڊيوائس کي لاڪ ڪري ان اندر موجود هر قسم جي ڊيٽا تائين پهچ ناممڪن بڻائي ڇڏيندو.
هتي اِها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جيڪڏهن فون کسجي نه ٿي ۽ فيچر متحرڪ ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اوهان کي پاڻ فون اِن لاڪ ڪرڻي پوندي.
رپورٽ موجب، اِهو فيچر هوريان هوريان اينڊرائيڊ 10 يا ان کانپوءِ وارن آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪندڙ سمارٽ فونز لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ان سان گڏوگڏ مئي ۾ گوگل هڪ ٻيو فيچر آف لائين ڊيوائس لاڪ جو اعلان پڻ ڪيو هو، اِهو فيچر ان وقت ڊيوائس جي اسڪرين کي لاڪ ڪري ڇڏيندو جڏهن ان گهڻي دير تائين انٽرنيٽ کان پري رکيو ويندو يا ڊيوائس تي لاگ آن ٿيڻ جون ڪيئي ناڪام ڪوششون ڪيو وينديون.
اِهو فيچر به امڪاني طور تي ٿيف ڊيٽيڪشن سان گڏ ئي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.