راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيازي ٽائون ۾ ڪنوار شادي جي ٻئي ڏينهن روڪ رقم، زيور ۽ ڪپڙا کڻي فرار ٿي وئي.
پوليس موجب واقعو نصيرآباد ٿاڻي جي علائقي نيازي ٽائون ۾ پيش آيو، متاثر شخص جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن موجب شادي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ عورت پنهنجي پيءُ سان ملڻ جو چيو هو، ان دوران ڪنوار هڪ لک 20 هزار رپين جا ڪپڙا، اڍائي لک رپيا روڪ، 3 تولا زيور کڻي فرار ٿي وئي.
فريادي موجب جنهن شخص شادي ڪرائي، ان سان گڏ نيازي ٽائون پهتاسين ته ان هوٽل تي ويهاريو ۽ ڪپڙا تبديل ڪرڻ جي بهاني منهنجي گهرواري کي به گڏ وٺي ويو، ٿوري دير کانپوءِ ٻنهي نمبر بند ڪري ڇڏيا.
You might also like