اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪس بابت حڪومتي اپيل جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا معطل ڪندي ان کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.
اپيل جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سومر ڏينهن ڪئي.
وفاقي حڪومت 6 جولاءِ 2024 تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ نجم ثاقب بابت آڊيو ليڪس خلاف درخواستن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هن ئي سال 25 جون جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
اها اپيل اڄ منظور ڪئي وئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ان معاملي ۾ وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو ويو آهي.
You might also like