فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻايو ويندو: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻايو ويندو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته فيض حميد جي گرفتاري جو ڊرامو منهنجو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، انهن کي خبر آهي ته منهنجي خلاف سمورا ڪيس کوکلا آهن، جيڪو اسٽينڊ نه ڪندا، هي سڀ ملٽري ڪورٽ جو چڪر هلي رهيو آهي.
هن چيو مون کي لڳي ٿو ته اهي فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻائيندا، جنرل (ر) فيض جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته 9 مئي جو ماسٽر مائينڊ آهي، اهي احمق چون ٿا فيض حميد ٻڌايو ته حملو ڪٿي ڪرڻو آهي، اسان جو احتجاج ته پرامن هو، جڏهن توهان مون کي گهلي اغوا ڪندئو ته اسان احتجاج ڪهڙي هنڌ ڪنداسين؟ جڏهن مان غلط ڪم ناهي ڪيو ته مون کي فيض جي سلطاني شاهد بڻجڻ سان ڪو خوف ناهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي پئي وڃي، عوام پي ٽي آءِ سان جڙي رهيو آهي، 8 فيبروري تي ان جو واضح ثبوت ملي چڪو، سڄي ليڊرشپ فارغ ٿيڻ باوجود اسان جي پارٽي کٽي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.