نمرا خان جي اغوا معاملي جو ڊراپ سين ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 ۾ اداڪارا نمرا خان جي مبينا اغوا جي ڪوشش جو ڊراپ سين ٿي ويو.
ايس ڊي پي او درخشان موجب واردات اغوا جي ڪوشش نه پر هراساني جو واقعو هو، جاچ ۾ خبر پئي ته جوابدار هڪ ئي هو.
هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا ٻه واقعا ٿيا آهن ۽ ٻنهي واقعن ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو.
هوڏانهن اداڪارا نمرا خان چيو ته مان پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان.
واضح رهي ته پاڻ سان پيش آيل واقعي تي نمرا خان چيو هو ته مان ڊفينس ۾ مشهور هوٽل ٻاهران پنهنجي گهرڀاتين جو انتظار ڪري رهي هيس ته 3 ماڻهو آيا ۽ مون تي بندوق رکي ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.