عوامي ردعمل جو خدشو، بنگلاديش ۾ پيٽرول مهانگو نه ڪرڻ جو فيصلو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي حڪومت عوام ۾ بي چيني پکڙجڻ جي خدشي سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب بجلي، توانائي ۽ معدني وسيلن واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.
بيان ۾ چيو ويو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز بابت اخبارن ۾ ناڪاري خبرون لڳيون ۽ ان واڌ سان عوام ۾ بيچيني پکڙجڻ جو خدشو هو، تنهن ڪري في الحال فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.