واٽس ايپ ۾ ٻن نون بهترين فيچرز جي واڌ ڪئي پئي وڃي، جيڪي واهپيدارن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندا.
هڪ فيچر سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي بابت آهي، جڏهن ته ٻيو اسٽيٽس تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
واٽس ايپ واهپيدارن جي تحفظ ۽ پرائيويسي لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف ڪرايو آهي، (بلاڪ ان نون اڪائونٽ ميسيجز) نالي فيچر في الحال اينڊرائيڊ ڊوائسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار اڻڄاتل اڪائونٽن تان ايندڙ ميسيجن کي بلاڪ ڪري سگهندا.
اهو فيچر پاڻمرادي طور ان وقت اڻڄاتل اڪائونٽن جي ميسيجن کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو، جڏهن انهن جو انگ مخصوص حد کان وڌي ويندو.
رپورٽ موجب اڃا ان فيچر تي ڪم جاري آهي ۽ اهو بيٽا ورزن استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين اهو سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ٻيو فيچر اسٽيٽس اپ ڊيٽس تي ڪوئيڪ ري ايڪشن جو آهي.
اهو فيچر اينڊرائيڊ ڊوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
رپورٽ موجب جڏهن توهان ڪنهن اسٽيٽس کي ڏسندئو ته ريپلاءِ ٽيڪسٽ باڪس جي برابر ۾ هارٽ جي شڪل جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ان کي لائيڪ ڪري سگهو ٿا.
جڏهن ڪو واهپيدار توهان جي اسٽيٽس تي ري ايڪٽ ڪندو ته انسٽاگرام اسٽوريز جيان توهان ان کي اسٽيٽس ويوز لسٽ ۾ ڏسي سگهندئو.
You might also like