ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي ۽ سکر ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شام 5 وڳي کان مسلسل هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، انتظاميا طرفان پاڻي جي نيڪالي لاءِ آپريشن به جاري آهي.
سکر ڊويزن جي ڪمشنر فياض عباسي موجب سکر ۾ هيل تائين مجموعي طور تي 180 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات سکر ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، لاڳاپيل اختيارين کي پاڻي جي نيڪالي لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.
Prev Post
You might also like