ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي سينيئر اداڪارا جيا بچن چيو آهي ته مان ايشوريا سان سختي سان پيش ناهيان ايندي، ڇو ته هوءَ منهنجي ڌيءُ نه ننهن آهي.
جيا بچن جو هڪ انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ اڀيشيڪ ۽ ايشوريا بابت ڳالهائي رهي آهي.
چيٽ شو جي ميزبان سوال ڪيو ته افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته توهان سخت ماءُ آهيو، جنهن تي جيا بچن چيو اهو بلڪل درست آهي، مان سخت ماءُ آهيان.
ميزبان چيو ڪاوڙ ڪرڻ واري سَس به آهيو، جنهن تي هن چيو ته نه.
جيا بچن چيو ته مان ايشوريا سان سختي سان پيش ناهيان ايندي، ڇو ته هوءَ منهنجي ڌيءُ ناهي، هوءَ منهنجي ننهن آهي، مان ان سان سختي ڇو ڪنديس؟ ايشوريا تي سختي جو حق رڳو ان جي ماءُ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڌيءُ ۽ ننهن ۾ فرق هوندو آهي، ڌيءُ والدين سان ناراض به ٿي ويندي آهي ۽ انهن تي ڪاوڙ به ڪندي آهي پر ساهرن ۾ ائين ناهي هوندو، سڀني جي عزت ڪرڻي پوندي آهي.
You might also like