بلوچستان جي راندين واري کاتي ۾ 32 ڪروڙ کان مٿي گهوٻيون

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راندين واري کاتي ۾ 32 ڪروڙ 47 لک رپين جي مالي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. مالي سال 23-2021ع دوران ڪروڙين رپيا غيرقانوني طور استعمال ڪيا ويا.

آڊٽ رپورٽ ۾ صوبائي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ ۾ مالي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو، جنهن موجب 2 سالن دوران 32 ڪروڙ 47 لک رپيا غير قانوني طور استعمال ڪيا ويا.

آڊٽ رپورٽ موجب رقم ڊي جي اسپورٽس، ڊائريڪٽر يوٿ افيئرز جي آفيسن مان جاري ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.