لاهور (ويب ڊيسڪ) بل بل پاڪستان ڳائيندڙ يوٽيوبر عون کوسي جو پتو ناهي پئجي سگهيو. عون کي 14 ۽ 15 آگسٽ جي رات اغوا ڪيو ويو هو. عون جي گهرڀاتين جي وڪيل ميان اشفاق جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 هٿياربند گهر ۾ گهڙيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري ليپ ٽاپ، موبائيل فون ۽ ڪيمرا ضبط ڪري ورتي
سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر سوشل ميڊيا تي لکيو ته ڪڏهن خوش ٿيڻو آهي، ڪڏهن کلڻو آهي، ڪڏهن روئڻو آهي اهو هاڻي رياست ٻڌائيندي.
صحافي عمران افضل راجا لکيو ته 10 هٿياربند هٿان عون کوسي کي گم ڪرائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا.