ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر ۽ اڳوڻي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه، دانشور ۽ مزاح نگار انور مقصود، اداڪار خالد احمد، پروفيسر اعجاز احمد فاروقي ۽ قدسيه اڪبر ڪالهه آرٽس ڪائونسل حسينه معين هال ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 26 سيپٽمبر کان 30 آڪٽومبر 2024ع تائين ”ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي“ منعقد ڪيو پيو وڃي.
فيسٽيول ۾ فلسطين، ترڪي، ڀارت، گڏيل عرب امارات، آمريڪا، برطانيه، جرمني، آسٽريليا، روس، مصر، سائوٿ آفريڪا، اٽلي، جاپان، سري لنڪا، ، ناروي، برازيل، اسپين، بيلجيم، يوڪرين، اومان، قطر، زمبابوي، آزربائيجان، فرانس، يوگنڊا، بيلارس، آئرلينڊ، ڪوسوو، برونڊي، ڪانگو، روانڊا سميت 34 کان وڌيڪ ملڪ حصو وٺي رهيا آهن.