فائر وال خلاف درخواست تي اعتراض لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس فائر وال خلاف داخل درخواست تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيا.
ايمان مزاري جي معرفت داخل درخواست تي رجسٽرار آفيس اعتراض لاڳو ڪيو ته انٽرنيٽ ڪنيڪٽويٽي متاثر ٿيڻ سان پٽيشنر جو معاشي ذريعو ڪيئن متاثر ٿيندو؟ ڪو دستاويز ناهي لڳايو ويو.
اعترض واريو ويو ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو پهريون فورم پاڪستان انفارميشن ڪميشن آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ اڳ ۾ ڪيئن درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي؟
رجسٽرار آفيس چيو ته فائر وال لڳائڻ کي چئلينج ڪيو ويو پر ڪو آرڊر يا نوٽيفڪيشن گڏ نه لڳايو ويو، پٽيشن جي پارٽ 2 جي لائن 11 ۾ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.