ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هفتيوار ون ڊي ڪرڪيٽ جي رينڪنگ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم هڪ ڀيرو وري پنهنجي پهرين پوزيشن برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
گذريل سال نومبر کان هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ۾ حصو نه وٺڻ باوجود بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ تي اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر باسط علي سوال اُٿاريندي چيو آهي ته آءِ سي سي نه ٿو چاهي ته بابر اعظم ڪارڪردگي ڏيکاري انڪري سندس پهرين پوزيشن برقرار رکيون پيو اچي.
هن چيو ته آءِ سي سي رينڪنگ ڏسڻ کانپوءِ جڏهن شروعاتي ٽي نالا پڙهيا تن ۾ بابر اعظم پهرئين نمبر تي هيو، ٻئي تي روهت، ٽئين تي شُڀمَن گِل آهي.
بابر اعظم جي نمبر ون پوزيشن بابت ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته هو سمجهي ٿو ته آءِ سي سي نه ٿو چاهي ته بابر اعظم ڪارڪردگي ڏيکاري، انڪري بابر اعظم کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پهريون نمبر ڏنو ويندو آهي ته جيئن جو ان تي خوش رهي.
باسط علي سوال اُٿاريندي چيو ته اِهو شُڀمَن گِل ۽ بابر اعظم کي ڪهڙي بنياد تي پهرين نمبر تي رکيو ويو آهي؟
بابر اعظم سميت آءِ سي سي رينڪنگ جي ٽاپ ٽن تي ايندڙ رانديگرن جي ڪارڪردگي بابت باسط علي سوال اُٿاريندي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم جي ڪارڪردگي سڀني ڏٺي، ويرات ڪوهلي کي ڏٺو هن ڪيتريون سينچريون اسڪور ڪيون؟ محمد رضوان ۽ فخر زمان سينچريون ڪيون ڪپتان گهڻيون سينچريون ٺاهيون؟
هن وڌيڪ چيو ته بابر اعظم آخري سينچري ايشيا ڪپ ۾ نيپال خلاف اسڪور ڪئي هئي، جنهن رانديگر آخري هڪ ڏينهن واري ميچ آڪٽوبر نومبر کيڏي آهي تنهن کي پهرئين نمبر تي ڪيئن رکيو ويو آهي؟ آءِ سي سي ۾ ڪير ويٺو آهي، مان سرعام چوان ٿو بابر اعظم جا دشمن ته آءِ سي سي وارا آهن.
You might also like