ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ فلم استري ٽو هڪ ڀيرو وري باڪس آفيس تي ڪاميابين جا نوان رڪارڊ ٺاهي رهي آهي.
استري اهڙي وقت ۾ باڪس آفيس تي راڄ ڪري رهي آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بالي ووڊ جي ٻن وڏن اداڪارن اڪشي ڪمار ۽ جان ابراهم جون فلمون به رليز ٿيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، استري ٽو ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي تي رليز ڪئي وئي هئي، ملڪ ۾ موڪل هئڻ سبب فلم جي شروعات انتهائي شاندار رهي جڏهن ته ايندڙ هفتي به فلم جي باڪس آفيس پرفارمنس شاندار رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
باڪس آفيس تي بهترين ڪاروبار ڪندڙ پنج ڀارتي فلم ۾ سرفهرست شاهه رخ خان جي گذريل سال رليز ٿيل فلم جوان آهي.
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم جوان رليز جي پهرين ڏينهن 75 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا، ساڳي ئي سال شاهه رخ خان مداحن کي هڪ ٻي بلاڪ بسٽر فلم پٺاڻ ڏني هئي.
باڪس آفيس تي ٻي وڏي فلم شرڌا ۽ راج ڪمار رائو جي استري آهي جنهن رليز جي پهرين ڏينهن ڀارت ۾ سٺ ڪروڙ جو ڪاروبار ڪيو آهي.
فلمساز دنيش ويجن جي ڀوائتي ۽ ڪاميڊي فلم جو پهريون حصو سال 2018 ۾ آيو هو جنهن جو ٻيو حصو 15 آگسٽ تي رليز ڪيو ويو هو.
باڪس آفيس تي ٽئين نمبر تي شاهه رخ ۽ دپيڪا پاڊڪون جي فلم پٺان آهي جنهن پهرين ڏينهن ڀارت ۾ 55 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪوي هو.
ان فهرست ۾ ريتڪ روشن ۽ ٽائيگر شروف جي فلم وار چوٿين نمبر تي آهي، 2019 ۾ رليز ٿيل فلم پهرين ڏينهن 53.35 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا.
عامر خان ۽ اميتاڀ بچن جي فلم ٺگز آف هندوستان 2018 ۾ رليز ٿي جنهن اوپننگ جي ڏينهن ئي رڳو ڀارت ۾ 50.75 ڪروڙ رپيا ڪمائي ڪري پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن ۾ پنجون نمبر ماڻيو.
You might also like