اسلام آباد (م ڊ) واپارين جي مرڪزي تنظيم آل پاڪستان تاجران واپاري دوست اسڪيم ۽ اضافي ٽيڪسز جي خلاف 28 آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪاشف چوڌري ۽ اجمل بلوچ چيو ته نام نهاد واپاري دوست اسڪيم برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل هجڻ سبب رد ڪريون ٿا ان ڪري واپاري دشمن اسڪيم کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي ۽ دالين، اٽي سميت سمورين شين تي لڳايل ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. هنن چيو ته آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي. بجلي جي بلن تي لڳايل ٽيڪسز ۽ سليب سسٽم ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته گيس جي قيمتن ۾ اضافو، اضافي سيڪيورٽي ۽ ظالماڻا سليب ختم ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو ته ايف بي آر جا جاري ڪيل ايس آر او واپس ورتا وڃن جڏهن ته صدر، وزيراعظم سميت سمورن آفيسرن کي مفت بجلي، گيس ۽ پيٽرول سميت سموريون مراعتون بند ڪيون وڃن، سرڪاري آفيسرن کي وڏين گاڏين جي بجاءِ ڪلٽس گاڏيون ڏنيون وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته عام واهپي جي شين سميت اسٽيشنري، پولٽري، دوائن ۽ ٻين تي لڳايل جنرل سيلز ٽيڪس کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي، ايڪسپورٽ سيڪٽر تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، پرائيويٽ پگهاردار طبقي ۽ واپارين جي انڪم ٽيڪس سليب ۾ اضافي کي واپس ورتو وڃي.