لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا کانپوءِ پنجاب ۾ اختلاف سامهون آيا آهن.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ پنجاب پارٽي معاملن تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، حافظ فرحت عباس کي پارلياماني ليڊر بڻائڻ تي پي ٽي آءِ پنجاب اختلافن جو شڪار ٿي وئي.
پارٽي ذريعن موجب، هڪ گروپ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪري فرحت عباس کي تبديل ڪرايو، حماد اظهر مخالف گروپ علي امتياز وڙائچ کي پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر مقرر ڪرايو.
ذريعن موجب، حماد اظهر پنجاب جي معاملن تي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي صوبائي صدارت ڇڏي، جڏهن ته حماد اظهر چوڌري اصغر گجر کان لاهور جي صدارت واپس وٺڻ جي به مخالفت ڪئي هئي.
ٻئي پاسي خيبر پختونخوا حڪومت ۾ ڪيميونيڪشن اينڊ ورڪس واري وزير کي هٽائڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ ۾ سخت اختلاف سامهون آيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان ۽ جنيد اڪبر هٽايل وزير شڪيل خان جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو آهي.
اڳوڻي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر هڪ بيان ۾ چيو ته شڪيل خان ڏهه سال ڪابينا ۾ گڏ رهيو، اڄ تائين ان کان وڌيڪ ايماندار وزير ناهي ڏٺو.
You might also like