بنگلاديش ۾ پُرتشدد مظاهرن دوران ڪيترو جاني نقصان ٿيو؟ انگ اکر سامهون اچي ويا

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل ابتدائي رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ ٿيل عوامي مظاهرن دوران ڇهه سئو کان وڌيڪ شهري مارجي ويا.
گڏيل قومن جي ماتحت انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 16 جولاءِ کان 11 آگسٽ تائين ڇهه سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
رپورٽ موجب، اٽڪل چار سئو فوتگيون 16 جولاءِ کان چار آگسٽ جي وچ ۾ ٿيون جڏهن ته پنج آگسٽ کان ڇهه آگسٽ دوران اڍائي سئو شهري مارجي ويا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڃا تائين انتقامي حملن ۾ ٿيل جاني نقصان جو تعين ٿيڻ باقي آهي، رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ست کان 11 آگسٽ دوران به ڪيئي فوتگيون رپورٽ ٿيون، مارجي ويلن ۾ اِهي ماڻهو به شامل هئا جيڪي مظاهرن ۾ زخمي ٿيا ۽ علاج دوران دم ڏنو.
رپورٽ موجب، مارجي ويلن ۾ مظاهرين، واٽهڙو، مظاهري جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به شامل آهن.
بنگلاديشي ميڊيا موجب، مظاهرن ۾ هزارين شهري ۽ واٽهڙو زخمي ٿيا، ڪرفيو، انٽرنيٽ بندش ۽ چرپر تي پابندي، ڄاڻ جمع ڪرڻ ۾ پيدا ٿيندڙ ڏکيائين سبب رپورٽ ٿيندڙ فوتگين جو انگ اصل انگ کان گهٽ ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.