دنيا ڏسندي ئي ڏسندي ”ڊجيٽل ورلڊ“ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، هونئن ته سوشل ميڊيا جو بنيادي مقصد ٿوري وقت ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن تائين خيال ۽ نظرين جي پهچ هئي، جنهن مان ماڻهن جي اڪثريت ڀرپور فائدو به ورتو.
پر ڇا اوهان کي اها خبر آهي ته سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال ڪرڻ سان اوهان جي ذهني صحت تي ڪهڙا اثر پوندا آهن ۽ ان کان پري رهڻ سان اوهان کي ڪيترو رليف ملي ٿو.
هڪ رپورٽ موجب سوشل ميڊيا جي استعمال کي رڳو 30 منٽن تائين محدود رکڻ سان نه رڳو ذهني صحت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي پر ملازمت ڪندڙ ماڻهو به اطمينان محسوس ڪندا آهن جڏهن ته ان جو لاڳيتو استعمال ڪندڙن کي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.
جرمني جي هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جو گھٽ استعمال ڪرڻ سان واهپيدار ڪم ۾ گھٽ دٻاءُ محسوس ڪندا آهن ۽ انهن ۾ بيچين يا گھٻراهٽ به گھٽ هوندي آهي.
جرمني ۾ رور يونيورسٽي، بوچم ۽ جرمن سينٽر فار مينٽل هيلٿ جي محققن سوشل ميڊيا کان پري رهندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت ملندو آهي ۽ ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت به بهتر ٿيندي آهي.
بِهيويئر اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي نالي رسالي ۾ ڇپيل ان تحقيق جي ليکڪه جوليا بريلو وسڪايا چيو ته جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا فيڊ جي نگراني لاءِ پنهنجو ڪم روڪي ڇڏيندا آهن انهن لاءِ ڪم تي ڌيان ڏيڻ وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي.
ان مطالعي لاءِ محققن 166 ڄڻن کي شامل ڪيو ويو، جن ۾ سڀ ملازم هئا ۽ جيڪي روز گھٽ ۾ گھٽ 35 منٽ سوشل ميڊيا تي ڪم کانسواءِ گذاريندا هئا.
بريلو وسڪايا چيو ته ان تحقيق دوران ايتري ٿوري وقت ۾ اسان ڏٺو ته جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڏينهن ۾ 30 منٽن کان گھٽ وقت گذاريندا آهن، انهن جي ذهني صحت ۽ ملازمت جي اطمينان ۾ بهتري آئي آهي.
You might also like