لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف چيو آهي ته بجلي جا مهانگا بل عوام لاءِ برداشت جوڳا ناهن.
ماڊل ٽائون لاهور ۾ ن ليگ جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جي آندل تباهي مهانگائي ۽ مهانگا بل کڻي آئي، عوام کي اسان مان رليف جي اميد آهي، اسان جي صلاحيتن جو امتحان آهي ته ڏکين حالتن ۾ عوام کي رليف ڪيئن ڏيڻو آهي.
هن چيو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ ۽ معاشي استحڪام واپس آڻڻ لاءِ سياسي قرباني توهان جي حب الوطني جو ثبوت آهي، هاڻ عوام کي ڏيوالي کان بچائڻ اسان جو وڏو امتحان آهي، ن ليگ سدائين ڏکيائين ۾ رستو ڪڍيو آهي.
You might also like