راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊز ڪيس جي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي، نيب جي جاچ آفيسر ميان عمر نديم تي پنجون ڀيرو به آڏي پڇا نه ٿي سگهي.
وڪيل طرفان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، هن چيو ته عدالت نيب جي بورڊ ميتنگ بابت اسان جي درخواست خارج ڪئي پر ڪاپيون فراهم نه ڪيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جا ڪيترائي ڪيس آهن ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.
عدالت وڪيل کي گذريل ٻڌڻي جي آرڊر جون ڪاپيون ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي روسٽرم تي اچي چيو ته نيب نئين توشاخانا ڪيس ۾ سوالنامو ڏنو هو، جيل عملدار سڀ ڪاغذ کڻي ويا، پوءِ چون ٿا جاچ ۾ شامل نٿي ٿئي.
عدالت ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي نيب جا ڪاغذ بشريٰ بي بي کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
You might also like