اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ انٽرنيٽ فائر وال لڳائڻ جو ٻيو ٽرائل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي.
ٽيلي ڪام ذريعن موجب انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنين تي فائر وال انسٽال ڪئي وئي آهي، سوشل ميڊيا سروسز ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ معمول تي اچي وينديون.
فائر وال سان موبائيل سگنلز ۽ انٽرنيٽ سروس کي به ڊائون ڪيو ويو.
ذريعن موجب قومي سلامتي کي ڏسندي فائر وال لڳائي وئي آهي، فائر وال ڊيپ پيڪٽ انسپيڪشن جي صلاحيت رکندڙ هوندي.
You might also like