ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي وقتي پرڏيهي صلاحڪار محمد توحيد حسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت چيو ته ڀارت کان شيخ حسينا واجد جي حوالگي جو مطالبو ڪنداسين، مون کي يقين آهي ته ڀارت ان مطالبي جو احترام ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بنگلاديش جي پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته اڳڪٿيون نه ڪرڻ گهرجن پر شيخ حسينا کي ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏيڻو آهي، اها ڀارتي حڪومت لاءِ هڪ شرمناڪ صورتحال آهي.
ٻئي پاسي ڀارتي پرڏيهي وزارت بيان تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
You might also like